
شيخ اياز: جديد سنڌ، ويھين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانھون آھي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رھبر شاعر آھي، ھن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي. سنڌ جي ھن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي ھو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ ھو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. ھن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ ھو، جيڪو شھر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو ھو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو ھو. شيخ اياز جو خاندان بکراڻي آھي. شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙھيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر بھ رھيو. ھن ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رھبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاھي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديھانت سبب مڪمل نھ ڪري سگهيو.شيخ اياز: هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي . سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ ، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي .
1923 - 1997