شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو
1538 - 1623
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ’وهائو تارو‘ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم 20 شعبان 944 هه بمطابق 30 جنوري 1538ع تي مٽيارين [موجوده ضلعي مٽياريءَ] ۾ سيد لعل محمد شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس تربيت والده ماجده ۽ سندس مربي ڀاءُ سيد جلال جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. شاهه عبدالڪريم پنجن ڇهن ورهين جو ٿيو ته کيس مڪتب ۾ ويهاريو ويو. پر پڙهڻ سان دل نه لڳس. اُن دوران قرآن شريف جا فقط ٻه سيپارا ناظره پڙهيائين. ’بيان العارفين‘ جي مؤلف ۽ مصنف محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽويءَ، شاهه ڪريم جي پنهنجي زباني ڄاڻائيندي لکيو آهي ته: ”ننڍپڻ جي زماني ۾ آخوند ٻين ’کُٿابين‘ سان گڏ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. حرفَ ڏئي ڇڏيندو هو ته واٽ تي ياد ڪندا وڃو. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري 88 سالن جي ڄمار ۾، 7- ذوالقعد 1032هه/ 1623ع تي، آچر جي رات، مغرب جي نماز وقت، هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو.