سچل سرمست

سچل سرمست

1739 - 1827

سچل/ سچل سرمست: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ (شاهه، سچل ۽ ساميءَ) جو ٻيو عظيم ۽ صوفي شاعر، اناالحق جو پرچارڪ، حضرت سچل سرمست آهي. سچل سرمست جو اصل نالو ميان عبدالوهاب هو. کيس پيار مان ’سچل، سچو يا سچيڏنو‘ سڏيندا هئا. پاڻ پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ’سچو‘ ۽ ’سچل‘ تخلص ڪم آندو اٿن، جڏهن ته فارسي شاعريءَ ۾ ’خدائي‘ ۽ ’آشڪار‘ تخلص ڪم آڻيندا هئا. سنڌ جي هن عظيم صوفي شاعر جو جنم 1152هه مطابق 1739ع ڌاري رياست خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ درازا ۾ ميان صلاح الدين جي گھر ۾ ٿيو. سندس ڏاڏي جو نالو ميان خواجه محمد حافظ المعروف صاحبڏنو فاروقي ’موراڳي‘ هو، جيڪو پڻ شعر ۽ سخن جو صاحب هو. سچل سرمست جي جنم بابت ڪن عالمن اختلاف ڏيکاريندي سندس جنم 1170هه ڄاڻايو آهي، جنهن موجب سندس عمر 72 سال ٿئي ٿي، پر خاندان ۽ اڪثر محققن 1152هه/ 1739ع کي سندس جنم جو درست سال قرار ڏنو آهي. مشهور شاعر قادر بخش ’بيدل‘، جيڪو سچل جو پوئلڳ هو ۽ سچل جي وفات وقت ٻارهن سالن جي عمر جو هو، اُن به سچل سائينءَ جي عمر 90 ورهيه ڄاڻائي آهي: پانهنجي رائي پرين، ’نوي‘ ورهيه نروار هو! پوءِ وصل جي موج ماڻي، ذوق کان ذخار هو.

زبان تے مصنوعی ذہانت دی روشنی توں فائدہ حاصل کرو۔

لغات، املا شناس، تے حرف شناس توں فائدہ حاصل کرو، طلبہ، اساتذہ، محققین تے مختلف شعبہ جات تے صنعتاں نال وابستہ افراد لئی اک انقلابی قدم۔

لغات

مختلف پاکستانی تے بین الاقوامی لغات دے ذریعے علمی تے تحقیقی عمل نوں آسان بناؤ۔

استعمال کرو

املا شناس

مختلف زباناں وچ املا دیاں غلطیاں دی نشاندہی کرو تے درست کرو۔

استعمال کرو

حرف شناس

جدید ٹیکنالوجی (حرف شناس) دے ذریعے تصویراں نوں قابلِ ترمیم متن وچ تبدیل کرو۔

استعمال کرو