Skip to content
روحل فقير

روحل فقير

1733 - 1804

روحل فقير سنڌ جو ناميارو صوفي ۽ ويدانتي شاعر، روحل فقير ذات جو زنگيجو هو. سندس پيءُ شاهو فقير زنگيجو ڪلهوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ويجهو پدمات جي پَٽ (ڳوٺ) ۾ رهندو هو، جتي کيس 34-1733ع ڌاري روحل فقير ڄائو. شاهو خان زنگيجو نورمحمد ڪلهوڙي وٽ ملازم هو. هن پنهنجي پٽ روحل کي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي تعليم ڏياري. جيئن ته عمرڪوٽ جون حدون راجسٿان سان ملن ٿيون، ان ڪري روحل فقير کي راجسٿاني ۽ هنديءَ جي پڻ ڪافي ڄاڻ حاصل ٿي. روحل فقير پيءُ جي وفات کان پوءِ جوانيءَ ۾ نور محمد ڪلهوڙي جي سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو ۽ ميان غلام شاهه جي حڪومت ۾ ترقي ڪري وزير جي عهدي تي پهتو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ مير بهرام ۽ راڄو ليکيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. راڄو ليکي دورانديش شخص هو ۽ روحل فقير جي ساڻس گهڻي لڳندي هئي. ميان غلام شاهه ڪهلوڙي، روحل فقير جي طبيعت ۽ علميت کان متاثر ٿي کيس توشه خاني جو ناظر مقرر ڪيو. روحل فـقيـر جو غلام شاهه جو اهم درٻاري هئڻ سبب جوڌپور طرف سفارتي ڪم ڪار سان اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. اتي جي ويدانتي بزرگ ڏونگر سي راءِ سان سندس ڪافي صحبت رهي. جوڌپور جو راجا ڀڳت سنگهه، روحل فقير جي شاعريءَ ۽ علمي حيثيت کان متاثر ٿي سندس معتقد بڻيو. جـڏهن 1772ع ڌاري غـلام شـاهه گـذاري ويـو ۽ سـندس فـرزنـد ميان سرفراز ڪلهوڙي حڪومت جون واڳون ورتيون، ته روحـل فـقيـر به سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار سان واڳجي ويو، اڳتي هلي جڏهن سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان خلاف منصوبو سٽيو ته روحل فقير هٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي ميان سرفراز جي درٻار ۾ پهتو. هن سندس سياسي حڪمت عملين کي درست نه ٿي سمجهيو، ان ڪري پاڻ کي درٻار ۽ سرڪار کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيائين. روحل فقير جي دل ست رنگيءَ دنيا کان اڳ ئي بيزار هئي. هُو نالي ۽ نمود کان ونءُ ويندو هو، ان ڪري هن فقيري رنگ اختيار ڪيو. سير سفر سان گڏ وسيع مطالعو ڪيائين. پدمات جي پَٽ تي اچي گوشي نشين ٿيو. ٿوري وقت جي گوشي نشينيءَ کان پوءِ روحل فقير جهوڪ ميرانپور روانو ٿي ويو ۽ شاهه عنايت شهيد جي سجاده نشين شاهه عزت الله جي حلقي ۾ شامل ٿي ويو.

Unlock the Power of Language & AI

Benefit from dictionaries, spell checkers, and character recognizers. A revolutionary step for students, teachers, researchers, and professionals from various fields and industries.

Lughaat

Empower the academic and research process through various Pakistani and international dictionaries.

Explore

Spell Checker

Detect and correct spelling mistakes across multiple languages.

Try Now

OCR

Convert images to editable text using advanced OCR technology.

Use OCR